ريڪٽر اسڪيل

ريڪٽر اسڪيل

ريڪٽر اسڪيل

ريڪٽر اسڪيل (Richter Scale): ريڪٽر اسڪيل زلزلي جي شدت ۽ قوت جو اندازو لڳائڻ جو طريقو آهي. هي طريقو 1935ع ۾ هڪ آمريڪي ارضيات جي ماهر چارلس ايف. ريڪٽر دريافت ڪيو. هن اصل ۾ ڪيليفورنيا ۾ ايندڙ زلزلن جي درجي بندي ڪرڻ پئي چاهي. ريڪٽر اسڪيل جو بنياد زمين جي ڌوڏن جي شدت تي آهي، جيڪا پئمائش هڪ اوزار سان ڪئي ويندي آهي، جنهن کي ’زلزلي پئما‘ چيو ويندو آهي. هي اوزار (آلو) 0.00001 ملي ميٽر زمين جي لرزش جو اندازو به لڳائي سگهي ٿو. ريڪٽر چارلس جو جنم 1906ع ۾ ٿيو. هن زلزلن جي سائنس تي به ڪيترا ڪتاب لکيا هئا.


لفظ ريڪٽر اسڪيلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو